جاتي ۾ گهريلو اڻبڻت تان نوجوان ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي

news

جاتي: ڇنڇر 15 جون 2019ع:جاتي شهر جي وارڊ نمبر هڪ ويجهو عيدگاه محله ۾ 16 ورهين جي نوجوان زوهيب ولد غلام حسين ملاح خودڪشي ڪري ڇڏي.

خبر موجب جاتي شهر جي وارڊ نمبر هڪ ويجهو عيدگاهه پاڙي ۾ 16 ورهين جي نوجوان زوهيب ولد غلام حسين ملاح پنهنجي وڏي ڀاءُ سان ڪاوڙجي مبينا طور وڻ ۾ رومال ٻڌي ڦاهو کاهي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو.

جڏهن ته خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي سئوٽ جي اڄ شادي جون رسمون پڻ هلندڙ هيون، جنهن اهڙي واقعي جو اوچتو اطلاع ملڻ تي شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. جڏهن ته نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال جاتي ۾ پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

اهڙي افسوسناڪ واقعي بعد سڄي علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال پيدا ٿيل آهي. ان موقعي نوجوان جي پئُ غلام حسين ملاح ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ڪونهي، منهنجي پٽ ڪاوڙ ۾ اچي خودڪشي ڪئي آهي.01