اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد جي هڪ وڌيڪ پٽ سميت ٽي جوابدار گرفتار

news

ڪراچي: (ڇنڇر 15 جون 2019ع)  نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد جي هڪ وڌيڪ پٽ سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

نيب ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ وڌيڪ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. گرفتار جوابدارن ۾ انور مجيد جو پٽ ذوالقرنين مجيد، انور مجيد جو ويجهو عزيز خواجه سلمان يونس ۽ اومني گروپ جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ملڪ عبدالوحيد شامل آهن.

نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار ٽنهي جوابدارن کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ جي درخواست ڪئي.  عدالت جوابدارن کي چئن ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي نيب حوالي ڪري چئن ڏينهن اندر لاڳاپيل عدالت اندر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

  ذوالقرنين مجيد نيب تي تشدد جو الزام هنيو جنهن تي عدالت جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ذوالفقار مجيد جو طبي معائنو ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ياد رهي ته جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري ي ويجهي ساٿي ۽ اومني گروپ جي مالڪ انور مجيد ۽ ان جو پٽ عبدالغني مجيد گرفتار آهن جڏهن ته هڪ پٽ نمر مجيد ضمانت تي آهي.