چئن ڏينهن تائين سمنڊ ۾ بک اُڃ سبب بيحال سٺ ورهين جي شخص کي بچايو ويو

news

سنگاپور: ڇنڇر 15 جون 2019ع: سنگاپور ۾ غوطا خوري جو هڪ استاد لڳاتار چار ڏينهن سمنڊ ۾ گذارڻ جي باوجود معجزاڻي طور تي زندا رهيو ۽ ان دوران ان وٽ کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ ڪجهه به موجود نه هو. 4 مئي تي 60 ورهين جي اسڪوبا ڊرائيور استاد جان لو ڏکڻ چين جي سمنڊ تائيومان ٻيٽ ويجهو اسڪوبا ڊرائيونگ جي تياري ڪري رهيو هو ته سندس ٻيڙي ٻڏي وئي.

ان کانپوءِ هن چيلهه تي موجود بيگ پيڪ مان حياتي بچائيندڙ ربر جي ٽائر جيان لائف بواءِ ڪڍيو ۽ تري ان جي سهاري ڪناري تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي.

پر ٻئي طرف تيز موجن ان کي ڪناري کان پري رکيو، پوءِ هڪ وقت اهڙو آيو جو ڪنارو اکين کان اوجهل ٿي ويو ۽ سندس ڊپ ۾ واڌ ٿيندي وئي. ايندڙ چار ڏينهن ۽ ٽن راتين تائين هو سامونڊي موجن جي رحم ڪرم تي هيڏانهن هوڏانهن ترندو رهيو ۽ ان دوران ان وٽ کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ ڪجهه به نه هو.

.پنهنجي پريشاني ختم ڪرڻ لاءِ هن لائف بوائي کي فرضي دوست بڻائيندي ان سان ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون ۽ ڪارائي جي گهڙي کي به دوست بڻائي وڌو.

صرف چئن ڏينهن ۾ ئي سندس چمڙي اُس ۽ کاري پاڻي سبب سڙي وئي ۽ جڏهن کيس بچايو ويو ته سندس چمڙي جا ٽڪرا لهڻ لڳا هئا، ايستائين جو سندس ڪپڙا نازڪ چمڙي سان رڳڙجي سخت تڪليف جي ڪري بڻجي رهيو هو ۽ هن پنهنجا سمورا ڪپڙا لاهي ڇڏيا.