پيپلزپارٽي جهڪڻ ۽ وڪامڻ واري جماعت ناهي: بلاول ڀٽو

news

لاهور: ڇنڇر 15 جون 2019: پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته جيترو دٻاءُ وجهڻو آهي وجهو، جيترا ڪيس ٺاهڻا آهن ٺاهيو پر پيپلزپارٽي جهڪڻ واري ۽ ويڪائو ناهي.

لاهور ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جهڪڻ ۽ وڪامڻ واري جماعت ناهي. جيترو دٻاءُ وجهڻو آهي، وجهو.

18هين ترميم، گم ٿيل ماڻهن ۽ سول ڪورٽس جي معاملن تي پنهنجو موقف تبديل نه ڪنداسين. بلاول ڀٽو چيو ته اسان پنهنجي نظريي، اصولن ۽ منشور تي سمجهوتو نه ڪنداسين.

وفاقي حڪومت جي طرفان پيش ڪيل بجيٽ جي حوالي سان گفتگو ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي هميشه غريبن جي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ ڪندو.

وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي بلاول ڀٽو چيو ته نالائق وزيراعظم سڀ کان وڏي صوبي جي لاءِ نالائق وزيراعليٰ چونڊيو. جنهن کي هٿ ملائڻ جي خبر ناهي هو حڪومت ڪيئن هلائي سگهندو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته آصف زرداري کي گرفتار ڪرڻ باوجود اسان موقعو ڏنو ته عوام دوست بجيٽ پيش ڪيو ته سان سپورٽ ڪنداسين. خان صاحب آءِ ايم ايف وٽ وڃي سڄي ملڪ کي معاشي خودڪشي ڪرائي ڇڏي آهي.