شهباز شريف جي تقرير مخالف ڌر وارا به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن: فواد چوڌري

news

فيصل آباد: ڇنڇر 15 جون 2019: وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته شهباز شريف جي تقرير کي خود اپوزيشن وارا ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناهي.

فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته هن وقت ايوان هلائڻ صرف اسان جي نه پر اپوزيشن جي به ذميواري آهي.

جڏهن به وزيراعظم ايوان ۾ ايندو آهي ته ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويندو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي اچڻ تي هي ماڻهو بدتميزيون ڪندا آهن، ايوان کي ريگيوليٽ ڪرڻ گهرجي. هڪ تقرير اسان ڪريون، هڪ تقرير هو ڪن.

فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر کي روڊن تي اچڻو هجي ها ته اچي وڃن ها. هنن وٽ پنهنجي گهر ۾ چانهه پيارڻ لاءِ به ماڻهو ناهن، هو ماڻهو ڪٿان آڻيندا.