پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ ٽي ڏهائي چار ارب ڊالر جي قرض جو معاهدو

news

اسلام آباد: ڇنڇر 15 جون 2019:پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وچ ۾ 3 ڏهائي 4 ارب ڊالر جي قرضن جو معاهدو ٿي ويو آهي.

وفاقي وزير ترقي ۽ منصوبابندي خسرو بختيار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ 3 ڏهائي 4 ارب دالر جي قرض جو معاهدو ٿيو آهي.

ايشيائي ترقياتي بئنڪ پهرين سال هڪ ڏهائي 2 ارب ڊالر قرض ڏيندو. هن قرض کان جاري منصوبن کي مڪمل ڪيو ويندو.

هن ٻڌايو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان ملڻ واري قرض ۾ ڪراچي جي ترقي جي لاءِ 45 منصوبن تي 34 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا. اسلام آباد ۾ صحت، تعليم ۽ بنيادي ڍانچي جي لاءِ 8 ارب رپيا رکيا ويا آهن. 

خسرو بختيار موجب توانائي جي شعبي ۾ بهتري جي لاءِ 80 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڏن ڊيمن جي تعمير لاءِ 70 ارب رپيا رکيا ويا آهن. زراعت جي شعبي ۾ ترقي جي لاءِ 12 ارب ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کان نمٽڻ جي لاءِ ساڍا 9 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.