احتساب جي نالي تي پ پ کان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي: عاجز ڌامراهه

news

شهدادپور:ڇنڇر 15 جون 2019ع: آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپور جي نيب طرفان گرفتاري بعد شھدادپور ۾ ٿھيم ھائوس تي پ پ ضلعي سانگھڙ جي قيادت جي گڏجاڻي ٿيڻ بعد پ پ اڳواڻ سابق سينيٽر عاجز ڌامراھ جي اڳواڻي ۾ ايم پي شاھد ٿھيم، علي حسن ھنڱورجو، شڪيل مري، ضلعي چيئرمين خادم رند، سرفراز راڄڙ، جھانگير جوڻيجو ۽ ٻين شھدادپور پريس ڪلب ۾ پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ اڳواڻ عاجز امراھ چيو ته نيب چيئرمين خلاف ھڪ چينل تي ھڪ وڊيو ڪلپ ھلڻ بعد پاڪستان ۾ نيب گردي ۾ ھڪدم تيزي اچي وئي آھي، نيب ته پھرين به موجود ھئي.

ھن وڊيو ڪلپ بعد نيازي حڪومت نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري پ پ جي اڳواڻن کي فوري گرفتار ڪيو، يان ته ٻيو ڪلپ به مارڪيٽ ۾ اچي ويندو، جنھن تي نيب پ پ جي آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپور کي گرفتار ڪيو، جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ھنن چيو ته پ پ جو شروع کان ئي مطالبو رھيو آھي ته احتساب جو عمل ٿيڻ گھرجي پر صاف ۽ شفاف ٿيڻ گھرجي، ھي احتساب جي نالي تي پ پ خلاف سياسي انتقام ورتو پيو وڃي.

ھي ڪھڙو احتساب آھي جو عمران نيازي جي ڀيڻ عليما باجي خيراتي اداري ۾ سلائي مشين ھلائي بيرون ملڪ پراپرٽي ٺاھي، جنھن کي ڪلين چٽ ڏئي ٻاھرين ملڪ موڪليو ويو. ھن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي گرفتار ڪري منھن ۾ سگريٽ جو دونھون ھنيو وڃي ٿو.

رياستي ظلم، ڏاڍ، دھشگردي، مھانگائي ۽ بيروزگاري خلاف حڪومتي ھٿڪنڊن خلاف جدوجھد جاري رھندي. 21 جون تي شھيد راڻي جي سالگرھ جي ڏينھن نوابشاھ ۾ ڌام ڌوم سان ملھائينداسين ۽ جلسي عام ۾  ڀرپور عوامي طاقت جو مظاھرو ڪنداسين، جنھن عوامي جلسي ۾ بلاول ڀٽو خطاب ڪندو، جلسي جون تياريون آخري مرحلن ۾ آھن.01