وزيراعظم عمران خان جو قرضن جي جاچ لاءِ جلد ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان

news

اسلام آباد: ڇنڇر 15 جون 2019: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وزيراعظم کي جاچ ڪميشن بابت بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن جي گرفتارين تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس ۾ وفاقي وزير عمر ايوب، مراد سعيد، سينيٽر فيصل جاويد، فردوس عاشق اعواڻ، جهانگير ترين ۽ ٻيا موجود هئا.

اجلاس دوران احساس ۽ غربت جي خاتمي وارو پروگرام تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ بجيٽ ۽ حڪومتي هدف متعلق آگاهه ڪيو.

ايف بي آر جي چيئرمين شبر زيدي ٽيڪس اصلاحات ۽ هدف تي بريفنگ ڏني. اجلاس دوران جهانگير ترين زاعت متعلق پيش رفت جي حوالي سان بريفنگ ڏني.

اجلاس دوران وزيراعظم چيو ته قرضن جي جاچ لاءِ ڪميشن جلد قائم ڪيو ويندو. جاچ ڪميشن جو مقصد 24 هزار ارب جي قرضن جي جاچ ڪرڻي آهي.

ملڪي معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي. ڏکيو رستو طئه ڪري ڇڏيو آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 30 سيڪڙو گهٽائي آئي آهي. 4 هزار روينيو مان 2 هزار قرض جي صورت ۾ هليو ويندو.

هن چيو ته عوام کي غربت جي لڪير کان مٿي آڻڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ترجيح آهي. احساس پروگرام جي بجيٽ 100 ارب کان وڌائي 191 ارب رپيا تائين ڪيا ويا آهن.