بالي ۾ ڀولڙي گهمڻ ايندڙ خاندان سان سيلفي ڪڍي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو

news

بالي: ڇنڇر 15 جون 2019ع: انڊونيشيا ۾ آسٽريلوي سياح فيملي سان هڪ ڀولڙي موبائل فون وسيلي ماهر فوٽوگرافر جيان سيلفيون ڪڍي سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو.

عالمي خابرو اداري موجب برازيل ۾ هڪ سياح فيملي کي اهڙي خوشگوار تجربي مان گذرڻو پيو جنهن نه صرف سياح کي فيملي کي حيران ڪري رکي ڇڏيو پر سوشل ميڊيا تي به انهن تصويرن ڌم مچائي ڇڏي.

آسٽريلوي سياح فيملي انڊونيشيا جي صحت بخش جاءِ بالي ٻيٽ پهتي جتي انهن يادگار لمحا گذاريا ان دوران مقامي گائيڊ سياح خاندانن جي موبائل فون سان فيملي جون تصويرون ٺاهي رهيو هو ته هڪ وڻ تي جهولندڙ ڀولي موبائل فون وٺي ڇڏي ۽ پاڻ سان گڏ سيلفيون ڪڍيون.

پهريان ته سياح فيملي سمجهيو ته ڀولڙو موبائل کڻي ويندو يا ڪٿي اڇلائي ڇڏيندو پر ان وقت حيرت جي انتها نه رهي جڏهن ڀولڙو فيملي جي آڏو بيهي پاڻ سان سيلفيون ڪڍيون ۽ فون واپس ڪري ڇڏي. سياح ۽ گائيڊ ڀولڙي طرفان سيلفي ڪڍڻ تي انعام جي طور تي ڀولڙي کي مُڱيرا ۽ ڪيلا کارايا جنهن کي ڏسي ڀولڙي به خوشي جو اظهار ڪيو ۽ هو موبائل فون واپس ڪري هليو ويو.