ٽنڊوڄام ۾ پ پ ڪارڪنن پاران آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري خلاف ڌرڻو

news

ٽنڊوڄام:ڇنڇر 15 جون 2019ع: پيپلز پارٽي ضلعي حيدرآباد ٻھراڙي پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ ايم پي اي فريال ٽالپر جي گرفتاري خلاف پ پ ضلعي حيدرآباد ٻھراڙي جنرل سيڪريٽري مير شير محمد ٽالپر، اطلاعات سيڪريٽري اسماعيل وساڻ، ميونسپل ڪاميٽي ٽنڊوڄام جي چيئرمين مير خان محمد ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوڄام پريس ڪلب آڏو حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب روڊ جي هڪ پاسي ٽريفڪ جام ٿي وئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نيازي حڪومت اسان جي پارٽي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو آھي کيس خبر هجڻ گهرجي ته پ پ خلاف ڪيترن ئي آمرن ڪارروايون ۽ پ پ کي ختم ڪرڻ چاهيو اهي پاڻ ختم ٿي ويا ۽ پ پ اڄ به ملڪ جي وڏي جماعت آھي. هنن چيو ته پارٽي قيادت کي فور طور آزاد ڪيو وڃي.

ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي ويندي جيڪا نيازي حڪومت جو خاتمو ثابت ٿيندي. ان موقعي تي پ پ ٽنڊوڄام جو صدر شريف قريشي، سيد جمن شاهه، ڊاڪٽر رحيمداد راجپوت، مشتاق سپيو ۽ ٻيا پڻ احتجاج ۾ شريڪ هئا.01