آمريڪي صدر پاران ايران خلاف عالمي برادري کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جو اعلان

news

واشنگٽن: ڇنڇر 15 جون 2019ع: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف سخت قدمن لاءِ عالمي راءِ عام کي هموار ڪرڻ لاءِ قومي سلامتي جي صلاحڪار جان بولٽن، پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ۽ دفاعي سيڪريٽري کي اهم ذميواريون ڏئي ڇڏيون.

عالمي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر ايران تي وڌيڪ گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ عالمي برادري کي گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جي لاءِ قومي سلامتي بابت صلاحڪار جان بولٽن، پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ۽ وقتي دفاعي سيڪريٽري تي ٻڌل اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪي ايران تي وڌيڪ پابندي ۽ سخت ڪارروائي جي لاءِ عالمي راءِ عام کي هموار ڪندا.

آمريڪا پاسداران انقلاب تي الزام مڙهيو آهي ته آبنائي برمز ۾ ٻن آئل ٽينڪرز کي نشانو بڻائڻ کان اڳ ايراني ميزائل ٽينڪرز جي حفاظت تي مقرر آمريڪي ڊورن کي ڪيرايو هو، ڊرون تباهه ڪرڻ کانپوءِ بارودي سرنگن کي آئل ٽينڪرز جي هيٺئين حصي تي لڳايو ويو ۽ ڌماڪي سان اڏايو ويو.

ايران طرفان آئل ٽينڪرز کي تباهه ڪرڻ جي پرزور ترديد جي باوجود آمريڪي صدر ٽرمپ ايران تي خليج عمان ۾ آئل ٽينڪرز تي حملي جو الزام مڙهي رهيو آهي، ان کان اڳ پينٽاگون طرفان پاسدارن انقلاب جي اهلڪارن جي تيل بردار ٻيڙي مان بارودي سرنگ هٽائڻ جي وڊيو جاري ڪئي هئي.