چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ستونجاهه نئين ماڊل ڪورٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي

news

لاهور: ڇنڇر 15 جون 2019: چيف جسٽس آف پاڪستان آصف سعيد کوسا 57 نئين ماڊل ڪورٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب 40 ماڊل ڪورٽس پنجاب، جڏهن ته 46 ماڊل ڪورٽس سنڌ ۽ هڪ ماڊل ڪورٽ بلوچستان ۾ قائم ڪئي ويندي. نئين ماڊل ڪورٽس 24 جون کان پنهنجي ڪم جي شروعات ڪندا.

ذريعن موجب نئين ماڊل ڪورٽس جي ججن جي تربيت لاءِ 19 جون تي فيڊرل جوڊيشل ورڪشاپ منعقد ڪيو ويندو.

ان فيڊرل جوڊيشل کي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندو.