ميرپور بٺورو ۾ آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي ڌرڻو

news

ميرپور بٺورو: ڇنڇر 15 جون 2019ع:ميرپوربٺورو جي گنج بحر ڪئنال سميت ان مان نڪرندڙ 20 کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف سوين آبادگارن جو چور واھ موري تي اشرف جتوئي، راجا شورو، رسول بخش خاصخيلي ۽ بختيار جتوئي جي اڳواڻي ۾ سجاول، حيدرآباد روڊ تي ٻن ڪلاڪن تائين احتجاجي ڌرڻو هڻي آبپاشي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي آبادگارن چيو آهي ته گنج بحر ڪئنال ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب اسان جون زرعي زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن، جڏهن ته تازو زمينن ۾ لکين رپين جو خريد ڪري پوکيل سارين جو ٻيجارو پاڻي نه هجڻ ڪري سڙي رھيو آھي.

هنن چيو ته چونڊيل نمائندن سميت حڪومتي ڌر سان لاڳاپيل شاخن ۾ مسلسل پاڻي جي کوٽ باوجود خاموش بڻيل آهن جيڪا سراسر اسان آبادگارن سان زيادتي ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته زمينن جي آبادي تي ئي اسان جو گذر سفر آهي، جيڪڏهن پاڻي نه آيو ته اسان جون زرخيز زمينون تباھ ٿي وينديون ۽ اسين بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي وينداسين.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ٻن ڏينهن اندر گنج بحر ڪئنال ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم نه ڪئي وئي، ٻيهر احتجاج ڪيو ويندو. ٻئي طرف ايس ايڇ او جھوڪ شريف آبادگارن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.

ھوڏانھن آبادگارن جي احتجاج سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن، جنهن ڪري ٽرانسپورٽر ۽ مسافر سخت گرمي سبب پريشان بڻجي ويا.01