وزيراعظم پاران پاڪ ڀارت ميچ ۾ قومي رانديگرن کي دليري ڏيکارڻ جو مشورو

news

اسلام آباد: ڇنڇر 15 جون 2019ع: پاڪ ڀارت ميچ کان اڳ وزيراعظم عمران خان به ميدان ۾ اچي ويو ۽ قومي ٽيم کي قيمتي مشورو ڏئي ڇڏيو.

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي مقابلي کان اڳ پوري دنيا جي ڪرڪيٽ شوقينن جو بخار چڙهيل اهي، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ته اها ميچ هڪ جنگ جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي ماڻهن پاڪ ڀارت ميچ کي زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻائي ڇڏيو آهي.

ميچ کان اڳ جي گرمي ۾ وزيراعظم عمران خان به قومي ٽيم کي اهم مشورو ڏنو آهي، اهو مشورو وزيراعظم طرفان اهڙي وقت تي سامهون آيو آهي جڏهن هو هڪ اهم ترين اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.

نجي چينل موجب وزيراعظم عمران خان پاڪ ڀارت ميچ جي باري ۾ چيو ته پاڪستاني ٽيم کي دليري ڏيکارڻي پوندي، رانديگرن کي گهرجي ته هو شڪست ۽ ڊپ کي وساري دليري سان پنهنجي راند کيڏن.