ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي

news

لنڊن: ڇنڇر 15 جون 2019: ورلڊ ڪپ جي 20هين ميچ ۾ دفاعي چئمپين آسٽريليا سريلنڪا کي 87 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

لنڊن جي اوول گرائونڊ ۾ کيڏجندڙ ميچ ۾ آسٽريليا جي 335 رنسن جي جواب ۾ سريلنڪا جي سڄي ٽيم 247 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

ڪرونارتني ۽ ڪشال پريرا تي مشتمل جوڙي بيٽنگ ڪندي 115 رنسن جي سٺي شروعات ڏني. جڏهن ته شروعاتي نقصان کانپوءِ بيٽنگ لائين بيهي نه سگهي ۽ وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪرڻ لڳيون.

ڪرونارتني کانسواءِ ڪو به مقابلو ڪري نه سگهيو. بيٽسمين ڪرونارتني 97 رنسون، پريرا 52، ٿريماني 16، مينڊس 30، ميٿيوز 9، سيري وردنا 3، ادانا 8، ملنگا هڪ ۽ پراديپ بغير کاتو کولڻ جي آئوٽ ٿي پويلين طرف موٽيا.

جڏهن ته ان کان اڳ آسٽريليا جي طرفان ڪپتان ايرون فنچ ۽ ڊيوڊ وارنر اننگز جو آغاز ڪيو. وارنر 26 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

عثمان خواجا به 10 رنسون ٺاهي سگهيو. اسمٿ 73 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ڪپتان فنچ ذميواري جو مظاهرو ڪندي 153 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جنهن ۾ 15 چوڪا ۽ 5 ڇڪا شامل آهن.

شان مارش صرف 3 رنسون ٺاهيون ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين اليڪس ڪيري به 4 رنسون ٺاهي سگهيو. جڏهن ته گيلن ميڪس ويل 46 رنسن جي اننگز کيڏي. سريلنڪا جي طرفان اسيرو اڊانا ۽ ڊي سلوا 2، 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.