نيو سعيدآباد شهر ۾ گندگي جو آزار، شهرين کي مشڪلاتون درپيش

news

نيوسعيدآباد: ڇنڇر 15 جون 2019ع:شهر جي سمورن وارڊن ۾ گند ڪچري جا ڍير، شهر کنڊرات جو ڏيک ڏيڻ لڳو، نيوسعيدآباد شهر ۾ صفائي واري عملي جي لاپرواهي سبب شهر جي سمورن وارڊن جي اهم گهٽين، بازار ۽ مين روڊ تي ڪچري جي ڍيرن مان خطرناڪ بيمارين جو وائرس پکڙجي ويو آهي، خاص ڪري شهر جي هوٽلن اڳيان ۽ پرائيويٽ اسپتالن جي سامهون گهريلو، بازاري ۽ اسپتالن اڳيان استعمال ٿيل سرنجن ۽ ڊرپن جي وڏي انگ ۾ ڪافي ڏينهن تائين پيل هجڻ سبب بيماريون ختم ٿيڻ بدران تمام وڌي ويون آهن.

جڏهن ته شهر اندر لکين رپين جي قيمتي صاف پاڻي جي آر او پلانٽن جي سالن کان بند هجڻ سبب شهري صاف پاڻي جي بنيادي سهولت کان محروم آهن. سورهيه بادشاھ پارڪ ڀرسان قائم ڪيل ٽائون ڪاميٽي جي ڪرائي تي ڏنل ڪينٽن سان گند ڪچرو گڏ ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيل جڳھ تي سوين مڻ ڪچرو موجود آهي، جنهن کي کڻڻ لاءِ ٽائون ڪاميٽي انتظاميا پاران مقرر ڪيل ٻه ٽريڪٽر ٽراليون، 6 چنگچي ڊوزر پڻ موجود آهن، جن جي نالي تي ماهوار لکين رپيا تيل، آئيل ۽ مرمت جي مد ۾ ڪڍيا وڃن ٿا پر شهر ۾ گند ڪچري جا ڍير جيئن جو تيئن موجود آهن.

تازو صفائي جي نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ چيئرمين پاران هڪ سفارشي فرم کي صفائي جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي پر ان به اڃا تائين ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو آهي، موجوده چيئرمين جي ناظمي واري دور ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پاران موڪليل 57 لک رپين جي رقم سان ٺهرايل شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو لائيبريري ۽ پبلڪ پارڪ جي مين گيٽ ۽ سامهون واري ديوار سان لڳو لڳ ڪچري جا ڍير وڏي انگ ۾ پرائيويٽ ٽيڪسيون، ريتي ۽ بجري جا ڍير ۽ گڏھ ٻڌا پيا آهن جن کي هٽائڻ لاءِ بار بار شهرين جي شڪايتن ڪرڻ باوجود ڪوبه نمائندو يا عملدار هٽائڻ لاءِ تيار ناهي، نتيجي ۾ شهر جا باشعور ۽ سلجهل ماڻهو لائبيريري ۾ اچڻ لاءِ تيار ناهن.

ٽائون انتظاميا جي بي ڌياني سبب شهيد راڻي پبلڪ پارڪ اجڙي تباھ ٿي ويو آهي، شهر جي سياسي ۽ سماجي ڌرين موجب ٽائون ڪاميٽي جي مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ ايندڙ آمدني سان گڏ سنڌ حڪومت پاران ماهوار قسط جي طور ايندڙ رقمون ڪٿي ۽ ڪهڙن مقصدن خاطر استعمال ٿي رهيون آهن.

هنن سنڌ جي وڏي وزير، تڪ جي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان، نيب جي چيئرمين، چيئرمين اينٽي ڪرپشن، صوبائي وزير بلديات، ڪمشنرحيدرآباد، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کان ملوث ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي گهر ڪئي آهي.01