ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان کي ٽي ارب چاليهه ڪروڙ ڊالر جو قرض ڏيندو: عبدالحفيظ شيخ

news

اسلام آباد:(آچر 16 جون 2019ع)  وزيراعظم عمران خان جي ناڻي کاتي بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان کي 3 ارب 40 ڪروڙ ڊالر جو قرض ڏيندو.

عبدالحفيظ شيخ سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڊائريڪٽر جنرل ورنر ليپاچ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي کاتي جي صلاحڪار چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان کي 3 ارب 40 ڪروڙ ڊالر جو قرض ڏيندو ۽ اها رقم بجيٽ سپورٽ جي مد ۾ ڏني ويندي. هن چيو ته ڪجهه مشڪل فيصلا ڪيا آهن جيڪا وقت جي تقاضا آهي.

جيڪڏهن ترقي ڪرڻي آهي ته پنهنجي شين کي ٻين ملڪن ۾ وڪڻڻو پوندو. هن چيو ته جمهوريت هجي يا آمريت برآمدات ۾ اضافو ناهي ٿيو. ڪجهه ماڻهو عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن ته بجيٽ آءِ ايم ايف جي اشاري تي ٺاهيو ويو آهي. اهڙن ماڻهن تي يقين نه ڪريو.

عبدالحفيظ شيخ چيو ته اين ايف سي کان پوءِ وفاق وٽ ڪل 2400 ارب روپيه ايندا. ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس آمدني مان 3600 ارب ملندا ته 2900 ارب جو قرض لاهينداسين. قرض لاهڻ کان پوءِ 700 ارب روپيه بچندا ان مان وفاق ڪيئن هلندو.

ياد رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي حڪومت مالي سال 20-2019  جي لاءِ 70 کرب روپيه 22 ارب روپين جو بجيٽ پيش ڪيو ويو. جنهن جو خسارو ڪُل بجيٽ جو تقريبن 50 فيصد آهي.

نئين بجيٽ ۾ 11 کرب روپين کان وڌيڪ جا نوان ٽيڪس لڳايا ويا جنهن سان کنڊ، ڪوڪنگ آئل، سگريٽ، گيس ۽ گاڏين سميت ٻيون شيون مهانگيون ٿي وينديون.