پاڪ ڀارت ميچ: پاڪستاني ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ علي ظفر ۽ ماوره حسين به مانچسٽر پهچي ويا

news

مانچسٽر: (آچر 16 جون 2019ع) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي سڀني کان وڏي مقابلي ۾ پاڪستاني ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ اداڪار گلوڪار علي ظفر ۽ ماوره حسين به مانچسٽر پهچي ويا آهن.

ڪجهه فنڪار قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي حوصله افزائي جي لاءِ پهريان ئي مانچسٽر ۾ موجود آهن. ۽ پاڪستاني ٽيم جي سوڀ لاءِ پراميد آهن ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪري رهيا آهن. گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ جي لاءِ مانچسٽر پهچي ويو آهي ۽ هو اڄ اولڊ ٽريفورڊ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جو دلچسپ مقابلو ڏسندو. هن پاڪستاني ٽيم جي سوڀ لاءِ ميچ دوران برسات نه ٿيڻ جي اميد جو اظهار ڪيو آهي.

اداڪاره ماوره حسين پاڪ ڀارت جو زبردست مقابلو ڏسڻ جي لاءِ گذريل ڏينهن مانچسٽر پهتي جتان هن پنهنجي هڪ تصوير مداحن سان شيئر ڪئي آهي. مانچسٽر پهچڻ تي هن کان هڪ شخص سوال ڪيو ته هو پاڪ ڀارت ميچ ۾ ڪنهن کي سپورٽ ڪري رهي آهي.؟ جنهن تي هن چيو ته ڇا اهو سوال به ڪو پڇڻ جهڙو آهي.؟ اداڪاره پاڪستاني پاسپورٽ ڏيکاريندي چيو ته ظاهري ڳالهه آهي ته  منهنجي سپورٽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ آهي. انشاءَالله اسان کٽي وينداسين.

گلوڪار ۽ اداڪار فرحان سعيد مائٽن سان گڏ لنڊن ۾ موجود آهي ۽ امڪان آهي ته هو به اڄ پاڪ ڀارت جو مانچسٽر ۾ ٿيندڙ ميچ ڏسڻ ويندو. اداڪاره عروهه حسين سميت اداڪار عدنان صديقي به لنڊن ۾ موجود آهي ۽ ممڪن آهي ته ٻئي اڄ قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ جي لاءِ ميچ ڏسڻ مانچسٽر جي اولڊ ٽريفوڊ گرائونڊ پهچندا. شوبز جا ستارا به پاڪستاني ٽيم جي سوڀ لاءِ پراميد آهن. چون ٿا ته ڀارت سان  مقابلي ۾ سوڀ پاڪستان جو مقدر بڻجندي.