آئين، قانون ۽ پارليامينٽ جي بالادستي تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي: مريم اورنگزيب

news

لاهور: (آچر 16 جون 2019ع) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ڀلي ڪيتريون به ڪميشنون ٺاهي، توهان کي سليڪٽڊ، ووٽ چور ۽ گڏڙو وزيراعظم چوندا رهنداسين.

هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته  هائي پاورڊ انڪوائري ڪميشن ڪڏهن ٺهندي. عمران خان ڌمڪيون نه ڏيو، تاريخ ٻڌايو، عمران خان ڀلي ڪيتريون به ڪميشن قائم ڪري، آئين، قانون ۽ پارليامينٽ جي بالادستي تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، توهان کي سليڪٽڊ، ووٽ چور ۽گڏڙو وزيراعظم چوندا رهنداسين. 

هن چيو ته عمران خان صاحب هڪ اهڙي ڪميشن جوڙيو جيڪا پتو لڳائي ڪهڙا اهي ذريعا هئا جن سان عليما باجي اربين روپين جي غير قانوني ملڪيت خريد ڪئي، توهان جي آمدني ۽ اثاثا ڪهڙا آهن، توهان هڪ لک رپيه ٽيڪس ڪهڙي حساب ۾ ڏيندا آهيو، عمران خان صاحب هڪ انڪوائري ڪميشن اها به جوڙيو جيڪا جاچ ڪري ته رڳو 10 مهينن ۾ ترقي جي شرح اڌ ۽ مهانگائي ٽيڻ تي ڪيئن ٿي؟

هڪ ڪميشن جوڙيو جيڪا پتو لڳائي ته هڪ ڪروڙ نوڪريون، 50 لک گهرن ۽ ڊيم فنڊ جو ڇا ٿيو، پنهنجي نالائقين تي توهان کي هڪ نه پر 100 ڪميشن ٺاهڻيون پونديون، توهان پنهنجي دماغي معائني لاءِ ڪميشن ٺاهڻ نه وساريندا، عمران خان صاحب گذريل 10 سال کانسواءِ گذريل 10 مهينن جي پنج هزار ارب رپين جي انڪوائري به شامل ڪريو.