ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ: انتظار جون گهڙيون ختم، پاڪستان پاران ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو

news

لنڊن: (آچر 16 جون 2019ع) انتظار جون گهڙيون ختم ٿي ويون. ڪرڪيٽ جي عالمي جنگ ۾ اڄ روايتي  مخالف پاڪستان ۽ ڀارت آمهون سامهون ٿيندا. پاڪستان پاران ٽاس کٽي ڀارت خلاف پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو آهي.

ان موقعي تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو ته ماضي کي وساري ميچ تي نظرون آهن. ڀارت کي جلد کان جلد آئوٽ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون. جڏهن ته ڀارت جي ڪپتان ويرات ڪولهي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جو وڏو مقابلو آهي جنهن سبب 2 تبديلين سان گڏ ميدان ۾ اچي رهيا آهيون. ڪوشش هوندي ته ميچ ۾ 100 فيصد ڪارڪردگي ڏيکاريون. بالنگ جي بهتر ڪنڊيشن موجود آهي. جيڪا ٽيم بهترين راند جو مظاهرو ڪندي اهائي کٽيندي. ڀارت جي ٽيم ۾ شيکر دهون جي جڳهه تي وجي شنگر کي شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته  بيٽنگ لاءِ پچ بهتر آهي. ٽاس کٽڻ کان پوءِ سرفراز احمد چيو ته ماضي کي وساري راند تي نظرون رکنداسين. ڀارت کي جلد کان جلد آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.