جماعت اسلامي مهانگائي جي خلاف اڄ عوامي مارچ ڪندي

news

لاهور: (آچر 16 جون 2019ع) جماعت اسلامي مهانگائي جي خلاف اڄ عوامي مارچ ڪندي. تفصيل موجب جماعت اسلامي لاهور ۾ مهانگائي خلاف اڄ عوامي مارچ ڪندي. جماعت اسلامي جو عوامي مارچ منصوره کان مال روڊ  پهچندو جتي جماعت اسلامي جو امير سراج الحق عوامي مارچ کي خطاب ڪندو.

عوامي مارچ سبب مال روڊ، مسجد شهدا کان چيئرنگ ڪراس تائين بند ڪيو ويو آهي. حڪومت طرفان امن امان جي لاءِ اينٽي رائٽ فورس سميت پوليس اهلڪارن جي وڏي نفري موقعي تي موجود آهي.

ياد رهي ته رمضان ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي افطار پارٽي ۾ جماعت اسلامي پاران به شرڪت ڪئي وئي هئي. جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته عيد کان پوءِ حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائينداسين ۽ مولانا فضل الرحمان جي اڳواڻي ۾ مخالف ڌر جي اي پي سي ٿيندي جنهن ۾ آئنده جو لائحه عمل جوڙيو ويندو.

  ياد رهي ته جماعت اسلامي افطار پارٽي جي موقعي تي ٿيندڙ فيصلن سان بغاوت ڪندي اي پي سي کان اڳ ئي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو.