پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ پيءُ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي

news

اسلام آباد: (آچر 16 جون 2019ع) پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ اڄ پيءُ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. هي ڏينهن پيءُ جي عظمت، عزت ۽ ان جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ملهايو ويندو آهي.

پيءُ دنيا جي اها عظيم هستي آهي جيڪو پنهنجي ٻارن جي پرورش جي لاءِ زماني جي هر سختي کي برداشت ڪندو آهي. اسان جي مذهب ۾ به پيءُ کي ماءُ کان پوءِ ٻيو وڏو درجو حاصل آهي.

پيءُ جو رشتو انمول ۽ شفيق هوندو آهي جيڪو پنهنجي ٻارن جو هر خواب پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجي ٻارن کي اعليٰ معيار جي زندگي فراهم ڪندو آهي. پيءُ جي انهيءَ ڪاوشن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ هر سال 16 جون تي پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ پيءُ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.

آمريڪا ۾ 20 صدي جي آخر ۾ مائرن کي عالمي ڏينهن جي ڪاميابي کان پوءِ پيءُ جي عظمت کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ پيءُ جو ڏينهن ملهائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. هن ڏينهن تي ٻارڙا پنهنجي پيءُ جي عظمت جي ساراهه ڪندي ان سان پنهنجي محبت ۽ احترام جو اظهار ڪندا آهن.