ڀارت جي پاڪستان خلاف بيٽنگ جاري، ايڪٽيهه اوورن ۾ هڪ سئو چوهتر رنسون

news

اولڊٽريفورڊ: (آچر 16 جون 2019ع) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ ڀارت جي پاڪستان جي خلاف بيٽنگ جاري آهي. اولڊ ٽريفورڊ اسٽيڊيم ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو اهم ميچ روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ميچ کيڏيو پيو وڃي جنهن ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ڀارت جي خلاف ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڀارت طرفان اننگ جي شروعات روهيت شرما ۽ لوڪيش راهول ڪئي. ٻنهي اوپنرن پراعتماد انداز ۾ اننگ جي شروعات ڪئي ۽ پهرين ورڪيٽ جي پارٽنرشپ ۾ 163 رنسون ٺاهيون. ٻنهي اوپنرن پنجاهه رنسون مڪمل ڪيون پر لوڪيشن راهول 57 رنسون ٺاهي وهاب رياض جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. جڏهن ته روهيت شرما طرفان 100 رنسون مڪمل ڪري ورتيون آهن ۽ هو اڃان تائين بيٽنگ ڪري رهيو آهي.

قومي ٽيم  ۾ شاهين آفريدي ۽ آصف علي کي ڊراپ ڪري شاداب خان ۽ عماد وسيم کي شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڀارتي ٽيم ۾ شيکر دهون جي جڳهه تي وجي شنڪر کي شامل ڪيو ويو آهي.