صوماليا ۾ صدارتي محل تي خودڪش حملو، اٺ ڄڻا مارجي ويا

news

موغاديشو: آچر 16 جون 2019ع: صوماليا ۾ صدارتي محل ۾ داخلي چيڪ پوسٽ تي خودڪش ڪار بم ڌماڪي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

عالمي خابرو اداري موجب خودڪش حملي آور صوماليا جي صدارتي محل ٻاهران چيڪ پوسٽ تي بارود سان ڀريل ڪار ٽڪرائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، مارجي ويل ۽ زخمي ٿيندڙن ۾ سيڪيورٽي فورس جا اهلڪار به شامل آهن.

ٻئي  طرف صومياليا جي گادي واري هنڌ موغاديشو ۾ ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ شاهراهه تي واقع چيڪ پوسٽ تي خودڪش ڪار بم ڌماڪو ڪيو ويو، جنهن ۾ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين مان 2 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، فوتگين ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڇي.

دهشتگرد تنطيم الشباب ٻنهي خودڪش حملن جي ذميواري قبول ڪندي چيو ته ايئرپورٽ جي علائقي ۾ اهم سول آفيسرن جي رهائشي ڪالوني کي نشانو بڻايو آهي جڏهن ته صدارتي محل جي اندر داخل ٿيڻ ۾ ناڪامي تي چيڪ پوسٽ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.