ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر

news

راولپنڊي: آچر 16 جون 2019ع: ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين 5 ليفٽيننٽ جنرل جون به بدليون ڪيون ويون آهن.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطح تي معمول جون بدليون ڪيون ويون آهن جن جي تحت ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي اهم ذميواري ڏني وئي آهي.

ميجر جنرل فيض حميد ان کان اڳ آءِ ايس آءِ جي ڪائونٽر انٽيليجنس ونگ جي سربراهه جي حيثيت سان به فرض انجام ڏئي چڪو آهي، کيس اپريل ۾ ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي هئي.

آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ليفٽيننٽ جنرل عامر عباسي کي جي ايڇ ڪيو ۾ ڪوارٽر ماسٽر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا هاڻ جي ايڇ ڪيو ۾ ايڊجوٽيننٽ جنرل جا فرض انجام ڏيندو، ليفٽيننٽ جنرل معظم اعجاز کي جي ايڇ ڪيو ۾ انجنيئر ان چيف ۽ ليفٽيننٽ جنرل عاصر منير کي ڪمانڊر گوجرانوالا ڪور مقرر ڪيو ويو آهي.