روهڙي ڀرسان مال گاڏي جون بوگيون پٽڙي تان لهي ويون

news

سکر: آچر 16 جون 2019ع:سکر جي روهڙي ڀرسان مال بردار ٽرين جون بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون.

روهڙي جي لوڪوشيڊ ڀرسان ڪراچي کان فيصل آباد ويندڙ مال گاڏي جون بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون، جنهن ڪري ريل گاڏين لاءِ اپ ۽ ڊائون ٽريڪ بند ٿي ويا.

ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽيمون ۽ ڳري مشينري واقعي واري هنڌ موڪلي وئي آهي، بوگيون هٽائي ٽريڪ کي جلد بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.01