گمبٽ ويجهو نينگر کهڙا مائينر شاخ ۾ ٻڏي فوت

news

گمبٽ:آچر 16 جون 2019ع: گمبٽ ڀرسان ڳوٺ سڪ واهڻ ۾ راند کيڏندي پير ترڪڻ سبب 11 سالن جو نينگر کهڙا مائينر شاخ ۾ ٻڏي فوت، سندس گهر ۾ ڪهرام متل، امڙ کي بيهوشي جا دورا.

تفصيل موجب گمبٽ ڀرسان ڳوٺ سڪ واهڻ ۾ راند کيڏندي پير ترڪڻ سبب 11 سالن جو نينگر احمد بخش ولد ڪبير علي اڄڻ کهڙا مائينر شاخ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو.

گهڻي ڳولا بعد وارثن نينگر جو لاش کهڙا مائينر شاخ مان هٿ ڪري ورتو. جنهن بعد وارث نينگر جو لاش کڻي گهر پهتا ته سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.01