دادلغاري پوليس پاران جوا جي اڏي تي ڇاپو، ڇهه جواري گرفتار

news

دادلغاري (رپورٽ: اياز احمد پتافي) آچر 16 جون 2019ع:داد لغاري پوليس جو جوا جي ٽڪري تي ڇاپو ھڻي جواري گرفتار ڪري ورتا، پوليس ڳجهي اطلاع ملڻ تي ڳوٺ ميرخان وسير ۾ قائم جوا جي ٽڪري تي ڇاپو ھنيو.

ڇاپي دوران جوا جي ٽڪري تي جوا کيڏندڙ  آفتاب وسير، طوطو وسير، عرفان بوزدار، نديم اختر، زاهد وسير ۽ سونارو بوزدار کي دادلغاري پوليس گرفتار ڪري ورتو.

جڏهن ته سندن خلاف دادلغاري ٿاڻي تي جوا جو ڪيس داخل ڪري کين لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.01