ڪراچي ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ سبب ٻه پوليس اهلڪار شهيد

news

ڪراچي:(سومر 17 جون 2019ع)  اورنگي ٽائون ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ سبب 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.

رپورٽ موجب ڪراچي ۾ اورنگي ٽائون ۾ موٽر سائيڪل تي سوار نامعلوم ماڻهن 2 پوليس اهلڪارن تي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي پوليس اهلڪار ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويا. جڏهن ته حملي آور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

واقعي جي اطلاع ملندي ئي امدادي رضاڪار ۽ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي. لاشن کي ويجهو اسپتال منتقل ڪري شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن. ڪراچي پوليس چيف اهلڪارن تي فائرنگ جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي غربي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ايس ايس پي ڪراچي غربي جو چوڻ آهي ته ٻنهي پوليس اهلڪارن کي ان وقت نشانو بڻايو ويو. جڏهن هو گهر کان ڊيوٽي تي اورنگي ٽائون ٿاڻي ڏانهن اچي رهيا هئا. واقعي واري هنڌان 9 ايم ايم پستول جا 4 خول مليا آهن جنهن کي فرانزڪ ٽيسٽ جي لاءِ موڪليو ويو آهي.