حڪومت خلاف تحريڪ جون تياريون: فضل الرحمان اڄ بلاول سان ملاقات ڪندو

news

اسلام آباد: (سومر 17 جون 2019ع) مخالف ڌر جي حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ جي تيارين ۾ تيزي اچي وئي آهي. مولانافضل الرحمان اڄ ٻنپهرن جو 3 وڳي بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪندو.

بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان جي وچ ۾ ملاقات مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ٿيندي. مولانافضل الرحمان ۽ شهباز شريف جي وچ ۾ به اڄ ملاقات طئي ٿي وئي آهي.

مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف جي وچ ۾ ملاقات قومي اسيمبلي جي اجلاس کان پوءِ ٿيندي.

ملاقاتن ۾ اي پي سي جي تاريخ، جڳهه ۽ ايجنڊا کي حتمي شڪل ڏيڻ بابت ڳالهيون ڪيون وينديون، مخالف ڌر جي پارٽين جي اي پي سي هلندڙ مهيني جي آخر ۾ گهرائڻ جو امڪان آهي.