ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اڄ کان پوليو مهم جي شروعات ٿي وئي

news

اسلام آباد: (سومر 17 جون 2019ع) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اڄ کان پوليو مهم جي شروعات ٿي وئي آهي. پاڪستان جي سڀني کان وڏي صوبي پنجاب ۾ 3 ڏينهن واري پوليو مهم ۾ 43 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا.

صحت کاتي موجب لاهور ۾ 17 لک، راولپنڊي ۾ 7 لک، ملتان ۾ 9 لک ٻارن ۽ ڊيره غازي خان ۾ 6 لک 50 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا.

اهڙي طرح شيخوپوره، ميانوالي، بهکر جي 36 چونڊ يونين ڪائونسلن ۾ 2 لک 60 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. سنڌ ۾ 17 جون کان 23 جون تائين ڪراچي جڏهن ته 17 جون کان 20 جون تائين سنڌ جي ٻين ٻين شهرن ۾ پوليو مهم هلائي ويندي. سنڌ جي صحت کاتي موجب گڏيل طور تي ڪراچي جي 6 ضلعن سميت سنڌ جي 26 ضلعن ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا.

اختيارين موجب مهم دوران 54 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو حدف رکيو ويو آهي. ڪراچي جي 24 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جي ويڪسين ڏني ويندي. بلوچستان جي 13 ضلعن ۾ 13 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا.

پوليو مهم دوران 13 لک کان وڌيڪ ٻارن کي ڦڙا پياريا ويندا ۽ هن مهم ۾ 5 هزار کان وڌيڪ ٽيمون حصو وٺنديون. ڪي پي ڪي ۾ بنون، ڊويزن ۽ ڊيره اسماعيل خان ڊويزن ۾ به 3  ڏينهن واري پوليو مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي. مهم جي حوالي سان سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.