آمريڪي صدر ٽرمپ جو لنڊن جي ميئر صادق خان خلاف زهر اوڳاچڻ جو سلسلو جاري

news

واشنگٽن: (سومر 17 جون 2019ع) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي روايتي دشمني جو ثبوت ڏيندي تجويز پيش ڪئي آهي ته لنڊن کي فوري طور تي هڪ نئين ميئر جي ضرورت آهي.

پاڻ کي دنيا جي سامهون جمهوريت جو علمبردار سڏائيندڙ آمريڪا جي صدر برطانوي راڄڌاني جي چونڊيل ميئر صادق خان کي تباهي جي برابر قرار ڏيندي الزام هنيو آهي ته هو لنڊن کي تباهه ڪري ڇڏيندو. آمريڪي صدر ٽرمپ ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي برطانيه پهچي ويو آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي تازي دوري دوران برطانيه ۾ ڏنل ريڊ ڪارپٽ استقبال جي مخالف ڪندي ان کي برطانوي روايت جي خلاف قرار ڏيندي صادق خان مٿان ڇوهه ڇنڊيندي لنڊن ۾ ٿيندڙ پرتشدد واقعن تي اظهار همدردي بجاءِ سندس مٿان ٽوڪ بازي جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. لنڊن ۾ تازو  ٿيندڙ پرتشدد واقعن ۾ هڪ ئي ڏينهن اندر 3 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿيا آهن.

ياد رهي ته آمريڪي صدر ان کان اڳ به لنڊن جي ميئر صادق خان کي پنهنجي ٽوئيٽ پيغامن ۾ سخت تنقيد جو نشانو بڻايو هو. جڏهن ته لنڊن جي ميئر صادق خان تشدد وارن واقعن تي پنهنجي ٽوئٽ پيغام ۾ چيو آهي ته مجرماڻي تشدد جي اسان جي ملڪ ۾ ڪابه جڳهه ناهي ۽ منهنجي لاءِ لنڊن جي ماڻهن جي حفاظت اهم آهي. ان کان وڌيڪ منهنجي لاءِ ڪابه شيءَ اهميت نٿي رکي.

ميئر صادق خان جي ترجمان پنهنجي جوابي پيغام ۾ چيو آهي ته ميئر هن مشڪل گهڙي ۾ متاثرين سان گڏ آهي. هو پنهنجو وقت ٽوئٽس جو جواب ڏيڻ ۾ ضايع نه ڪندو ۽ نه ئي ڪنهن بحث ۾ پوندو. هو بحث بجاءِ پنهنجي ڪم تي توجهه ڏيڻ وڌيڪ ضروري سمجهي ٿو.

هوڏانهن ليبر پارٽي جي اڳواڻ ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جيريمي ڪوربن صدر ٽرمپ جي بيان کي انتهائي ڪريل قرار ڏيندي چيو آهي ته ٽرمپ مارجي ويلن ماڻهن جي سانحي کي ميئر تي تنقيد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.