شعيب ملڪ ۽ ثانيه مرزا جي وائرل وڊيو نئون تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو

news

لنڊن: (سومر 17 جون 2019ع) قومي ڪرڪيٽر شعيب ملڪ  ۽ ان جي گهر واري ثانيه مرزا جي هوٽل تي دوستن سان گڏ سامهون ايندڙ وڊيو  سوشل ميڊيا تي نئون تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو آهي.

ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت هٿان پاڪستان جي شڪست کان پوءِ ثانيه مرزا ۽ شعيب ملڪ جي قومي ٽيم جي ٻين رانديگرن سان گڏ هوٽل ۾ موجودگي جي هڪ وڊيو سامهون آئي آهي جنهن تي ڪرڪيٽ جي شوقينن ۽ اڳوڻن ڪرڪيٽرن جي طرفان سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته شعيب ملڪ اهم ميچ ۾ هڪ رات اڳ ميچ جي فڪر ڪرڻ بجاءِ ٻاهر موجون ڪري رهيو آهي.

هن وڊيو جي حوالي سان ڪيتريون ئي خبرون حرڪت ڪري رهيون آهن جن ۾ اهو به چيو پيو وڃي ته ثانيه مرزا، شعيب ملڪ ۽ ٻين قومي ڪرڪيٽرن جي هي وڊيو ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ ڀارت ميچ کان هڪ رات اڳ جي ناهي. ٻئي طرف ثانيه مرزا ان حوالي سان پنهنجي ٽوئٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وڊيو بنا اجازت ٺاهي وئي ۽ ان ۾ اسان جي ذاتي زندگي جي به پرواهه ناهي ڪئي وئي جڏهن ته ان موقعي تي اسان جو ٻار به اسان گڏ هو.

شعيب ملڪ جي گهر واري دلچسپ تبصرو ڪندي چيو ته ميچ هارائڻ کان پوءِ به کاڌو کائڻ جي اجازت هوندي آهي. هن وڊيو ٺاهڻ واري کي آئينده لاءِ بهتر مواد ڳولڻ جو به مشورو ڏنو.

ان حوالي سان  برطانوي ماهرن جو چوڻ آهي ته برطانيه ۾ ٻارن کي شيشه ڪيفي ۾ وٺي وڃڻ ڏوهه آهي جنهن تي والدين کي سزا به ٿي سگهي ٿي. ماهرين چيو آهي ته شيشه ڪلب عوامي جڳهه آهي ۽ عوامي جڳهه تي ڪنهن جي به وڊيو ٺاهي سگهجي ٿي.

وائرل وڊيو ۾ ثانيه مرزا سان گڏ ان جو مڙس شعيب ملڪ، وهاب رياض، امام الحق ۽ ٻين پاڪستاني رانديگرن کي ڏسي سگهجي ٿو.