مشرف جي منجمد بئنڪ اڪائونٽن مان رقم ڪڍرائڻ تي ايف آءِ اي کان وضاحت طلب

news

راولپنڊي: (سومر 17 جون 2019ع) راولپنڊي جي دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف جي منجمد ٿيل بئنڪ اڪائونٽن مان رقم ڪڍرائڻ تي ايف آءِ اي کان وضاحت طلب ڪئي آهي.

راولپنڊي ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي بابت خاص عدالت اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ۽ جاچ آفيسر پيش نه ٿيا.

عدالت جوابدار پرويز مشرف جي اثاثن جا تفصيل پيش نه ڪرڻ ۽ سندس منجمد بئنڪ اڪائونٽن مان رقم ڪڍرائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. 

جج اصغر خان وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي کان جواب طلب ڪندي پڇاڻو ڪيو ته منجمد اڪائونٽ مان رقم ڪيئن نڪتي؟

عدالت 27 جولاءِ تائين اڳوڻي آرمي چيف ۽ صدر پرويز مشرف جي اثاثن جا مڪمل تفصيل ۽ رقم ڪڍرائڻ جي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي.