اڄ جاچ ڪميشن جي سربراهه جي نالي جو اعلان ڪندس: وزيراعظم

news

اسلام آباد: (سومر 17 جون 2019ع) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قرضن بابت جاچ ڪميشن جي سربراهه جو اعلان اڄ ئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بني گالا ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي ترجمانن جو اجلاس ٿيو اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي قرضن بابت جاچ ڪميشن قائم ڪرڻ بابت بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ حڪومت جي پارليامينٽ اندر ۽ مخالف ڌر جي احتجاج کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب حڪومت پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر کي هڪ دفعو ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏيندي ۽ بجيٽ جي حوالي سان پارليامينٽ  اندر مخالف ڌر سان گڏجي ڪارروائي هلائڻ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته جاچ ڪميشن جي سربراهه جي نالي جو اعلان اڄ ڪندس. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان گذريل 10 سالن ۾ کنيل قرضن جي جاچ جي لاءِ ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو.