ڀارت ۾ هيٽ ويو سبب هڪ سئو ٽيتاليهه ڄڻا فوت

news

پٽنا: (سومر 17 جون 2019ع) ڀارتي رياست بهار ۾ گرمي جي شديد لهر سبب ٻن ڏينهن ۾ 143 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. ڀارت جي ڪيترين ئي رياستن ۾ اڄڪلهه سخت گرميءَ واري لهر جاري آهي، جنهن ۾ بهار رياست سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي، اڪثر علائقن ۾ ڏينهن جي وقت ۾ گرمي پد 41 کان 45 ڊگري تائين پهچي وڃي ٿو.

رياست ۾ گذريل ٻن ڏينهن دوران هينئر تائين 143 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، سڀ کان وڌيڪ فوتگيون ارونگ آباد ۾ ٿيون آهن،  جتي ٻن ڏينهن ۾ 63 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

ارونگ آباز ۾ هر اڌ ڪلاڪ کان پوءِ هڪ ماڻهو فوت ٿي رهيو آهي، اسپتالن ۾ گرمي کان متاثر مريضن جي وڌندڙ انگ اڳيان ڊاڪٽر بيوس ٿي ويا آهن.

ميٽرولوجيڪل ڊپارٽمنٽ موجب ايندڙ ٽن ڏينهن تائين گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي اچڻ جو امڪان ناهي، خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هيٽ ويو سبب وڌيڪ فوتگيون ٿي سگهن ٿيون.

واضح رهي ته 2015ع ۾ به هيٽ ويو سبب ڀارت ۽ پاڪستان ۾ سوين فوتگيون ٿيون هيون.