نئون ڪوٽ ۾ ٽنگڙي برادري جي عورتن پاران پوليس جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو

news

نئون ڪوٽ: سومر 17 جون 2019ع:نئون ڪوٽ پوليس جي حد ڳوٺ اسماعيل ٽنگڙي جي رهواسي ٻن عورتن حاني زال دل ٽنگڙي ۽ سندس ڀيڻ نورزادي ٽنگڙي هڪ معصوم نينگر رياض ٽنگڙي سميت پريس ڪلب نئون ڪوٽ اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته نئوڪوٽ پوليس نصرت آباد اسٽيٽ جي مئنيجر تنوير قادياني جي چوڻ تي بناجواز دل ٽنگڙي کي گرفتار ڪري ڦر ۽ حراسان ڪرڻ جون ٻه الڳ الڳ ايف آءِ آر داخل ڪري جيل موڪليو آهي.

جڏهن ته دل ٽنگڙي جي زال حاني ٽنگڙي دانهيندي چيو ته اسان نصرت آباد اسٽيٽ تي هاري آهيون، منهنجو مڙس مئنيجر تنوير قادياني وٽ ٻني لاءِ ڀاڻ ۽ گهر جو راشن وٺڻ لاءِ ويو هو، جنهن تي مئنيجر ڊرامون ڪري نفيس نگر پوليس پوسٽ جا ٻه اهلڪار گهرائي پئسن جي لالچ ڏئي گرفتار ڪرايو ۽ نئون ڪوٽ ٿاڻي تي تشدد ڪري ٻه ڪيس داخل ڪرايا آهن. هنن چيو ته اسان غريب آهيون، دشمني تحت پوليس ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن.

اسان جي گهر جو ڪمائڻ وارو هاڻ ڪير به ڪونهي جيڪو اسان کي ڪمائي کارائي اسان کي اسٽيٽ مئنيجر ۽ پوليس بناجواز تنگ ڪري ڇڏيو آهي، اسان نئون ڪوٽ پوليس ۽ نصرت آباد اسٽيٽ جي مئنيجر تنوير قادياني خلاف عدالت جو در کڙڪائينداسين.

هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ميرپور خاص ۽ ايس ايس پي ميرپور خاص کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.01