سنڌ ۾ مڊل ۽ ايليمينٽري اسڪولن جي سخت ضرورت آهي: قاضي شاهد پرويز

news

لاڙڪاڻو:سومر 17 جون 2019ع: سنڌ جي تعليم کاتي جي سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز چيو آهي  ته صوبي جي ڪجهه علائقن ۾ اهڙا به اسڪول آهن جتي اڳ ڳوٺ هئا ۽ آبادي هئي پر هاڻ اتي ڳوٺ ۽ آبادي ناهي، تنهنڪري انهن اسڪولن کي ختم ڪري رهيا آهيون، اتان جي ٻارڙن کي ويجهن اسڪولن ۾ داخلائون ڏيڻ لاءِ تعليم کاتي جي عملدارن کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، جيڪي مختلف علائقن جا دورا ڪري اهڙي رپورٽ ڏيندا.

اهڙو اظهار هن لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڪوبه اهڙو اسڪول ناهي، جتي استاد نه هجي ۽ هر اسڪول کي استاد ڏنو ويندو. پهرين جولاءِ تي نئين تعليم سال جي شروعات جي موقعي تي فيصلو ڪيو ويو آهي ته پوري سنڌ ۾ گرمين جي موڪلن بعد اسڪول کلڻ وقت ڪو به اسڪول بغير استاد جي نه هوندو.

ان لاءِ حڪمت عملي جوڙي رهيا آهيون. هن چيو ته هن چيو ته سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن جي ڀيٽ ۾ مڊل يا ايليمينٽري جي سخت ضرورت آهي، جنهن تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ان حوالي سان صلاح مشورا پڻ ڪيا پيا وڃن ته جيئن مناسب هنڌن تي مڊل يا ايليمينٽري اسڪول کولي شاگردن کي تعليم ڏني وڃي يا جيڪي پرائمري اسڪول سالن کان وٺي قائم آهن ۽ اتي آبادي وڌيڪ آهي، اتان جي پرائمري اسڪول کي اپ گريڊ ڪري مڊل يا ايليمينٽري اسڪول بڻائي رهيا آهيون.01