جيڪڏهن مان پاڪستاني ٽيم جو ڪوچ ٿيس ته ٻڌائيندس ڪيئن کيڏبو آهي: روهت شرما

news

لنڊن: سومر 17 جون 2019ع: ڀارت ميچ ۾ مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويندڙ روهت شرما جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مان پاڪستاني ٽيم جو ڪوچ بڻيس  ته ٻڌائيندس ڪيئن کيڏڻو آهي.

مانچسٽر جي اولڊ ٽريفورڊ گرائونڊ ۾ پاڪستان ۾ پاڪستان خلاف 113 بالن تي 140 رنسون ٺاهيندڙ ڀارتي اوپنر روهت شرما ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران پاڪستاني صحافي پڇيو ته پاڪستاني ٽيم جي بيٽنگ لائن هن وقت بحران جي شڪار آهي، بيٽسمين طور پاڪستاني ٽيم کي ڪهڙو مشورو ڏيڻ چاهيندو؟.

روهت جي جواب تي ڪانفرنس هال ۾ موجود سڀني جا ٽڪڙا پئجي ويا، پاڪ ڀارت اهم ترين ميچ ۾ سينچري ۽ ورلڊ ڪپ جي پهرين ٻن ميچن ۾ 50 رنسون اسڪور ڪندڙ روهت شرما کان ان جي ڪاميابي جو راز پڇيو ويو ته هن گذريل سال 30 ڊسمبر تي پيدا ٿيندڙ پنهنجي ڌيءَ سميرا شرما کي پنهنجي ڪاميابي جو سبب قرار ڏنو.

ياد رهي ته آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2019ع جي 22 هين ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ جي تحت 89 رنسن تان شڪست ڏني آهي.