نيب شاهد خاقان عباسي ۽ ڄام خان شورو خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

news

اسلام آباد: سومر 17 جون 2019ع: قومي احتساب بيورو جي نيب ايگزيڪٽو بورڊ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي تي مڙهيل ڪرپشن جي الزامن جي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 6 انويسٽيگيشنز جي منظوري ڏني وئي.

نيب پڌرائي موجب اڳوني وزيراعظم ۽ اڳوڻي پيٽروليم واري وفاقي وزير شاهد  خاقان عباسي ۽ سنڌ جي اڳوڻي بلديات واري وزير ڄام خان شورو خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پرڏيهي وزير، گهرو وزارت جي آفيسرن ۽ اهلڪارن، سوئي سدرن انتظاميه، انٽر اسٽيٽ گيس سسٽم ۽ ميسرز ايل اين جي ترمينل خلاف انويسٽيگيشن جي منظوري به ڏني وئي.

ان کان علاوه نيب ايگزيڪٽو بورڊ بدعنواني جون 3 ريفرنسز داخل ڪرڻ جي به منظوري ڏني. نيب پڌرائي موجب اين ٽي ڊي سي ڪي سي اي ۽ طارق قاضي خلاف بدعنواني جي ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جوابدارن تي 20 ڪروڙ روپيا غير قانوني طور تي ٽرسٽ انويسٽمينٽ بينڪ ۾ سرمائيداري جو الزام آهي. نيب ايگزيڪٽو بورڊ پنجاب يونيورسٽي جي اڳوڻي وائس چانسلر مجاهد ڪامران خلاف به بدعنواني جي ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري به ڏني.

ان موقعي تي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ هو ته ميگا ڪرپشن جا ڪيس منطقي انجام تائين پهچائڻ نيب جي پهرين ترجيح آهي ۽ نيب احتساب سڀني لاءِ جي پاليسي تي قانون موجب عمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته عوام جي لٽيل رقم جي واپسي لاءِ سمورا وسيلا ڪم آڻي رهيا آهيون، قوم جا لٽيل 326 ارب روپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا.