سکر ۾ ميرپور ماٿيلو واسي جو زمين تي قبضي جي ڪوشش خلاف احتجاج

news

سکر:سومر 17 جون 2019ع: سکر ۾ ميرپور ماٿيلو واسي زمين تي قبضي جي ڪوششن ۽ پوليس وسيلي حراسان ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. 

ميرپور ماٿيلو جي ڳوٺ سمندر ڀيو جي رھواسي ڳوٺاڻي محمد قاسم ڀيو بااثرن ڀورل جلباڻي، فداحسين، رياض احمد، منظور جلباڻي ء ٻين جي 3 ايڪڙ زمين تي زبردستي قبضي جي ڪوششن ۽ پوليس وسيلي حراسان ڪرڻ خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪندي ٻڌايو ته بااثر ڀورل جلباڻي، فداحسين، رياض احمد، منظور جلباڻي ۽ ٻيا زبردستي سندس زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

زمين حوالي نه ڪرڻ تي ھڪ مھيني تائين اغوا پڻ ڪرايو ويو ھو پر پوليس مدد ڪرڻ بدران بااثرن سان ٻٽ بڻيل آهي. دانھڻ باوجود ڪوبه تدارڪ نه ٿيو آھي. ھن مطالبو ڪيو ته انصاف ڪيو وڃي.01