ڄامشورو ڀرسان ڪراچي واهه ۾ وهنجندي ٻه معصوم ڀائر ٻڏي فوت

news

ڄامشورو: سومر 17 جون 2019ع: ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي ويجھو ڪي بي فيڊر ۾ وھنجندي 2 معصوم ڀائر ٻڏي ويا آهن، ٻڏي ويلن ۾ سڳا ڀائر 8 ورھين جو شوڪت ۽ 6 ورهين  جو مبارڪ پٽ صادق علي گرگيز شامل آهن، جيڪي سخت گرمي سبب ڪي بي فيڊر ۾ وھنجي رھيا ھئا ته وڏي پاڻي ۾ ٻڏي ويا.

  اطلاع باوجود ضلعي انتظاميا جي ٽيم ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شوڪت علي اڄڻ جي سربراهي ۾ 3 ڪلاڪ دير سان واقعي واري هنڌ پهتي، جڏهن ته ٽوٻا پڻ 4 ڪلاڪ دير سان پهتا، ماهر ٽوٻن حادثي واري جڳهه تي پهچي ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، مقامي ماڻهو به ٻارن جي ڳولها جو ڪم ڪري رهيا آهن.

ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو رٽائرڊ ڪيپٽن فريد المصطفيٰ جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا واقعي کان بعد ٽوٻن جو بندوبست ڪرڻ لاءِ فوري اپاءُ ورتا، 10 ٽوٻن کي حيدرآباد مان سندن رهائش تان ڄامشورو پهچايو ويو، جنهن ۾ وقت لڳڻ فطري عمل آهي.

هن  والدين کي گذارش ڪئي ته ايترن ننڍڙن ٻارن کي واهن ۾ ترڻ جي اجازت نه ڏين ۽ سندن خيال رکن. فريد الدين مصطفيٰ چيو ته ضلعي انتظاميه مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ واهن / شاخن ۽ ڪئنالن ۾ وهنجڻ تي پابندي هڻڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.