سنڌ ۾ ايندڙ هفتي پاڻي کوٽ پنجاهه سيڪڙو ٿيڻ جو خدشو

news

سکر: سومر 17 جون 2019ع:سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ سنگيني اختيار ڪري ورتي، ايندڙ هفتي پاڻي کوٽ 50 سيڪڙو ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو، گڊو جي 47 سيڪڙو، سکر 38 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي 55 سيڪڙوکوٽ تي پهچي ويا، مجموعي کوٽ 40 سيڪڙو ٿي وئي.

حالتن کي منهن ڏيڻ آبپاشي سيڪريٽري اڄ اجلاس گھرائي ورتو. تربيلا بند به تر وڃي ورتو. جون جي آبڪلاڻي واري مند ۾ به سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي.

پاڻي ماهرن جي انگن اکرن جي ورتل جائزي موجب سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي پاڻي جي کوٽ نظر آئي آهي، گڊو بئراج وٽ 47 سيڪڙو، سکر بئراج وٽ 38 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ 55 سيڪڙو کوٽ آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻي جي مجموعي کوٽ 40 سيڪڙو تي پهتي آهي. خدشو آهي ته ايندڙ هفتي اها کوٽ 50 سيڪڙو ٿي ويندي.

تربيلا بند وٽ پاڻيءَ جي سطح ڊيڊ ليول هڪ هزار 392 ٿي وئي آهي. ارسا سنڌ ۾ سخت پاڻي کوٽ بعد 3 ڏينهن اڳ منگلا بند مان 60 هزار ڪيوسڪ پاڻي وڌائي 85 هزار ڪيوسڪ پاڻي سنڌ ڏانهن وهائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پاڻي ماهرن جو چوڻ آهي ته گذريل 15 ڏينهن ۾ به ارسا منگلا بند مان 60 هزار ڪيوسڪ پاڻي سنڌ رواني ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي هئي اهو پاڻي ئي ڪو نه پهتو ته 85 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڪٿان پهچندو.

پنجنند وٽ پاڻي وهڪرو هڪ هزار 346 ڪيوسڪ هجڻ باوجود سنڌ لاءِ پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به ناهي ڇڏيو ويو ۽ پنجاب سنڌ جي حصي جي پاڻي مان تڪراري سي جي لنڪ ڪئنال وسيلي 2 هزار ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال وسيلي هڪ هزار 440 ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهيو آهي. ان صورتحال بعد سنڌ جي آبپاشي واري سيڪريٽري سعيد احمد منڱڻيجي سنڌ جي سڀني بئراجن جي چيف انجنيئرن، ايڪسيئينز، انجنيئرن  ۽ واسطيدارنجو اجلاس اڄ اڱاري ڏينهن گھرائي ورتو آهي جنهن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏيڻ تي غور ويچار ڪيو ويندو.

  سکر بئراج ڪنٽرول روم جي انچارج عبدالعزيز سومرو موجب گڊو بئراج جو معانهون وهڪرو 97 هزار 211 ڪيوسڪ، هيٺانهون وهڪرو 73 هزار 406 ڪيوسڪ، سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو 62 هزار 550 ڪيوسڪ، هيٺانهون وهڪرو 26 هزار 200 ڪيوسڪ  ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 15هزار 495 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو ٻڙي رڪارڊ ڪيو ويو. 01