سکر ۾ ميراڻي برادري پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

news

سکر: سومر 17 جون 2019ع:سکر ويجهو ڇوهارا مارڪيٽ جي رهواسي ميراڻي برادري جي ماڻهن  زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مائي جنت، غوث بخش، پرويز ميراڻي ۽ ٻين چيو ته بااثر علي گوهر سومرو سندن 3 جريب زرعي زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته ڄاڻايل زمين 4 ڏينهن اڳ پنهنجي عزيز کي وڪرو ڪئي ته بااثر ماڻهن  گهرن تي چڙهائي ڪري زمين جي مليل رقم ڦري گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻائي زمين جا ڪاغذ ساڻ کڻي فرار ٿي ويا.

اهڙو اطلاع حد ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري، هنن ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته بااثرن خلاف ڪارروائي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.01