سکر پوليس جي ڪارروائي، ٻن گهرن کي باهيون، متاثرن جو احتجاج

news

سکر: سومر 17 جون 2019ع:سکر پوليس کان ڏوهاري زور ٿي ويا، پوليس ڏوهارين کي پڪڙڻ بدران بيگناهه ڳوٺاڻن جي گهر ڊاهي خانه پوري ڪرڻ لڳي.

قادرپور ٿاڻي جي حد ۾ پوليس چڙهائي ڪري ٻن ڳوٺاڻن محمد يوسف ۽ مدن جتوئي جي گهرن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي. متاثرن پوليس مٿان الزام مڙهيندي چيو ته اهي پر امن ڳوٺاڻا آهن.

ڏوهارين سان ڪنهن به قسم جو تعلق ناهي، پر پوليس ڏوهارين طرف وڃڻ توڙي انهن کي گرفتار ڪرڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پڪي جي ويجهو ويٺل ڳوٺاڻن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته آئي ڏينهن گهرن تي چڙهائي ڪري ڦرلٽ ڪرڻ سان گڏ گهرن کي باهيون ڏيڻ معمول بڻجي ويو آهي. 

پوليس چڙهائي ڪري ٻن گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سبب اٽي جي چڪي واري مشين، فرج توڙي ٻيو گهريلو سامان سڙي رکي ٿي ويو آهي. هنن آءِ جي سنڌ ۽  ايڊيشنل آءِ جي سنڌ کان نوٽيس وٺي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي.01