راڻيپور ويجهو وائلڊ لائيف کاتي جي ڪارروائي، ٽيهه تتر هٿ

news

راڻيپور: سومر 17 جون 2019ع:وائلڊ لائيف خيرپور ايٽ راڻيپور ضلع آفيسر مظفر علي وساڻ جي اڳواڻي ۾ ڪورڪي حاجاڻا ۾ تترن جي پڙي تي ڇاپو، 30 تتر ڪارڙا ۽ ڀڳا هٿ.

تفصيل موجب راڻيپور ڀرسان ڪورڪي حاجاڻا ۾ تترن جي پڙي تي وائلڊ لائيف خيرپور ايٽ راڻيپور پاران ڇاپو هنيو ويو جنهن ۾ بغير لائنسس جا رکيل 30 کان وڌيڪ ڪارڙا ۽ ڀڳڙا  تتر هٿ ڪيا ويا.

ان موقعي تي وائلڊ لائيف جي ضلعي انچارج مظفر علي وساڻ غلام حيدر ڀاڳت رفيق احمد سهتو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان غير قانوني تي لڳندڙ تترن جي پڙين تي ڇاپو هنيو، جنهن ۾ 30 تتر هٿ ڪيا ويا آھن.

هي ماڻھو بغير لائنسس جي پنجاب يا ٻئي ڪنهن صوبي ۾ تترن  اسملنگ ڪئي ويندي آھي، انهن کي روڪٿام لاء اسان اڄ ڪامياب ڇاپو هنيو آھي، اهڙي ڪڌي ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪاروايون اڃا به تيز ڪيون وينديون.01