ڪوٽڙي ۾ ترقياتي ڪم جاري، مريم گارڊن کان ڪراچي واھ تائين روڊ جو تعميراتي ڪم مڪمل

news

ڪوٽڙي: سومر 17 جون 2019ع:ڪوٽڙي جي عوامي مطالبي تي مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪم جاري آھي، ڪوٽڙي جي علائقي مريم گارڊن کان ڪراچي واھ  تائين پ پ ايم پي اي سردار ملڪ اسد سڪندر جي ڪوششن سان پراوينشنل هاويز دادو پاران ٻن  ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي لاڳت سان ٻه ڪلو ميٽر تائين روڊ شهر جي مختلف هنڌن تي روڊن جو هلندڙ  تعميراتي ڪم مڪمل ڪيو ويو آھي.

علائقي ۾ ترقياتي رٿائن روڊن جو ڪم مڪمل ٿيڻ تي ڪوٽڙي جي شهرين پاران پڻ خوشي جو اظهار ڪيو آھي. ان موقعي تي شهري آفتاب حسين انڙ، حميد ۽ ٻين چيو ته ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ پروانشنل هاءِ وي دادو جا ڪم بهتر نموني سان هلي رهيا آهن، ڪراچي واهه کان مريم گارڊن تائين روڊ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن تي اسين پ پ ايم پي اي سردار ملڪ اسد سڪندر ۽ قريشي ٽريڊرس ڪمپني جا شڪر گذار آھيون، جن پراوينشنل هاويز دادو جي تعاون سان شهرين جي لاءِ آزار بڻيل رستو ٺاهي سهولت فراهم ڪئي وئي.

شهرين جو چوڻ هو ته هي رستو ڪوٽڙي شهر ڏانهن داخل ٿيڻ لاءِ باءِ پاس روڊ آھي، جتان عام شهرين توڙي ڪوٽڙي جي ڀرپاسي جي رهواسين کي ٽريفڪ جي آزار کان نجات ڏياريندي، آساني سان ڪوٽڙي شهر ۾ بنا دير پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

هوڏانهن روڊ جي تعميراتي ڪم جو جائزو وٺن پروانشنل هاءِ وي دادو جو ايڪسيئن فتح محمد سنائي ۽ قريشي ٽريڊرس ڪمپني جا عملدارن پهچي جائزو ورتو. ان موقعي تي روڊ جو تعميراتي ڪم جائز وٺندڙ انجنيئر محمد خان ڀٽي چيو ته پروانشنل هاءِ وي دادو جي ايڪسيئن جي ڏينهن رات محنت ۽ هيوي مشنري جو استعمال ڪري ٿوري عرصي ۾ مريم گارڊن کان ڪراچي واهه ۽ شهر جي مختلف علائقن جي  رستن جو تعميراتي ڪم مڪمل ڪيو ويو آھي ۽ اسان جي وڌيڪ ڪوشش آهي ته رهيل باقي ترقياتي رٿون جلد مڪمل ڪيو وڃن.01