نئون ديرو ۾ پ پ ڪارڪنن پاران آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري خلاف ڌرڻو

news

نئون ديرو: سومر 17 جون 2019ع:ملڪ جي اڳوڻي صدر پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر جي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ نيب هٿان گرفتاري خلاف پيپلز پارٽيءَ جي سوين جيالن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن طرفان نئون ديرو ۾ پيپلز پارٽي سٽي نئون ديرو آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

جتي مڇريل ڪارڪن وزير اعظم عمران خان خلاف “تيره نمبر دو نيازي گو نيازي گو نيازي، گرتي هوئي ديوار ڪو ايڪ ڌڪا اور دو، چرس پي ڪي سو نيازي گو نيازي گو نيازي” جا زوردار نعرا هنيا.

ان موقعي تي ڌرڻي ۾ موجود پ پ ضلعي اڳواڻ عبدالفتاح ڀٽو، خير محمد شيخ، تعلقي اڳواڻ اعجاز احمد لغاري، لالا نظر پٺاڻ، پ پ سٽي اڳواڻ ارشد راشدي، انور ٻرڙو، نثار مراد ڀٽو، خالد ميمڻ، دليپ ڪمار ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ويو ته سليڪٽيڊ ڪٽ پتلي وزير اعظم عمران خان آءِ ايم اي جي بجيٽ پاس ڪرائڻ لاءِ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر کي گرفتار ڪرائي پارليامينٽ کان پاسيرو رکيو ته جيئن هو پنهنجي من مرضيءَ جي عوام دشمن بجيٽ پيش ڪري سگهي.

هنن چيو ته اسان عمران نيازيءَ جي عوام دشمن بجيٽ کي پاس ٿيڻ نه ڏينداسين. ڇاڪاڻ جو عمران حڪومت وٽ عوام جي ڀلائيءَ جو ڪو به پروگرام نه آهي، هو پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ انهن جي ڊڪٽيشن تي ڪٽ پتليءَ جيان هلي رهيو آهي. پيپلز پارٽي ملڪ جي وڏي جماعت آهي جنهن جو پاڙون عوام ۾ آهن ۽ عوام ڪٽ پتلي وزير اعظم ۽ سندس ٽولي جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيندو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسان کي پرامن رهڻ جي هدايتون ڪيون آهن جيڪڏهن پيپلز پارٽي ڪارڪنن کي حڪم ڪيو ته اسلام آباد جي روڊن تي ڌرڻا هڻي وفاقي حڪمرانن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏينداسين.

هنن مطالبو ڪيو ته ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر کي فوري طور آزاد ڪري داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن. ٻي صورت ۾ احتجاجن جو سلسلو روزانو جي بنياد تي جاري رکيو ويندو.

هوڏانهن احتجاجي ڌرڻي واري ڪئمپ ۾ شامياني تي رکيل سر اوچتو هيٺ ڪرڻ ڪري هڪ پارٽي ڪارڪن عبدالغفور ڪرٽيو زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج لاءِ نئون ديرو اسپتال نيو ويو جتي علاج بعد کيس گهر ڀيڙو ڪيو ويو.01