ميرپورخاص ۾ عوامي مسئلن جي حل لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس، سياسي سماجي اڳواڻ شريڪ

news

ميرپورخاص:سومر 17 جون 2019ع: ميرپورخاص ۾ عوامي مسئلن جي حل لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي ۽ مذهبي ڌرين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ن ليگ اڳواڻ آصف معراج راجپوت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته حيسڪو، سوئي گيس، ريلوي ۽ بلديه عملي شهرين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، سڄو شهر مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي، مسلم ليگ ن شهرين جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندي ۽ ڪنهن به شهري سان زيادتي ٿيڻ نه ڏينداسين.

ان موقعي تي مولانا حفيظ الرحمان فيض خطاب ڪندي چيو ته جنهن قوم ۾ بي حسي وڌي وڃي ان قوم کي بم سان مارڻ جي ضرورت نه پوندي آهي، ن ليگ هن ملڪ جي خدمت ڪرڻ جي سزا ملي رهي آهي، اسان کي پنهنجي قوم کي حق حاصل ڪرڻ لاءِ همت ۽ شعور ڏيڻو پوندو ته جيئن پنهنجا حق حاصل ڪرڻ کانسواءِ وڃايل حق به وڙهي حاصل ڪري سگهن، جڏهن قوم مان بي حسي ختم ٿي ويندي ته شعور ۽ حق حاصل ڪري اسان انهن طاقتن کي به للڪاري سگهنداسين، جن ملڪ جا کربين روپيا لٽيا آهن، پاڪستان سني تحريڪ جي اڳواڻ قاضي فيضان قادري  چيو ته  شهر ۾ حيسڪو اهڪارن پاران غير قانوني بجلي جا ڪنڊا لڳايا آهن، جنهن جي ڪري بجلي جي پولن مان اسپارڪنگ ۽ ٻيا مسئلا ٿين ٿا.

جڏهن ته مهراڻ ٽرين مان ٻه بوگيون گهٽ ڪيون ويون آهن، جنهنڪري ڪيترائي مسافر ٽڪيٽ خريد ڪرڻ جي باوجود سفر ڪرڻ کان محروم بڻجي ويندا آهن، شهر ۾ روڊن ۽ رستن ۾ کڏن سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، ن ليگ اڳواڻ زاهد قائمخاني چيو ته اسان جو سياسي ايجنڊا ناهي اسان صرف شهر جي مسئلن تي بحث مباحثو گهرون ٿا، هن وقت ميرپورخاص شهر ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي، جنهن ۾ صحت، تعليم، نيڪال جو نظام سميت بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ سبب شهري عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن.

هاڻي سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن کي شهر جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اڳتي اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، آل پارٽيز ڪانفرنس تي ن ليگ اڳواڻ آصف معراج راجپوت جي سڏ تي ڪوٺائي وئي ان موقعي تي جماعت اسلامي جي اڳواڻ سلمان خالد، دانش انڙ، سماجي اڳواڻ پريم ڪمار،عبدالسلام آريان،اسحاق چوهاڻ، نوشابه ناز، سيد لياقت علي شاهه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.01