گولاڙچي ۾ پ پ اڳواڻن پاران آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري خلاف احتجاج

news

بدين: سومر 17 جون 2019ع:اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر جي گرفتاري خلاف گولاڙچي ۾ پ پ پ جو احتجاج. خبر موجب پ پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ ايم پي اي فريال ٽالپر جي گرفتاري خلاف  پ پ پ بدين پاران ضلعي صدر حاجي رمضان چانڊيو، صوبائي وزير اسماعيل راهو، حاجي رسول بخش چانڊيو، اڳوڻي ايم پي اي محمد نواز چانڊيو، فدا حسين منڌرو ڪامريڊ امير حسن کوسه جي اڳواڻي ۾ گولاڙچي جي فاضل راهو چوڪ کان پريس ڪلب گولاڙچي تائين  احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻ چيو ته  عمران نيازي 18 هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ ننڍن صوبن جي وسيلن تي وفاق کي قابض ڪرڻ ۽ عوام دشمن بجيٽ اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ لاءِ نيب ذريعي پ پ پ خلاف انتقامي ڪاروايون ڪري رهيو آهي آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري به ان سلسلي جي ڪڙي آهي.

هنن چيو ته  آصف علي زردار ۽ فريال ٽالپر بي گناه آهن   تنهن ڪري انهن مٿان سمورا ڪوڙا ڪيس ختم آزاد ڪيو وڃي.01